راولاڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ جيل راولاڪوٽ مان 15 کان وڌيڪ خطرناڪ قيدي فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته قيدين جيل عملي کي يرغمال بڻايو ۽ فرار ٿي ويا، جيل ۾ فائرنگ سان هڪ قيدي مارجي به ويو.
قيدين جي فرار ٿيڻ کانپوءِ سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف جاين تي ناڪابندي به ڪئي وئي آهي.
ايس پي محمد رياض مغل موجب هڪ قيدي مک دَر تي مقرر اهلڪار کي گن پوائنٽ تي يرغمال بڻايو.
فرار ٿيندڙن ۾ دهشتگردي، قتل، قتل جي قدمن ۽ منشيات فروشي جي ڏوهه ۾ ملوث قيدي شامل آهن.
rawalakot prison jail