اسڪاٽ لينڊ جي ٻيٽن ويسٽري ۽ پاپا ويسٽري وچ ۾ هلائي ويندڙ فلائيٽ کي دنيا جي مختصر ترين فلائيٽ جو اعزاز حاصل آهي ڇو ته اِها فلائيٽ ٻن منٽن کان به گهٽ وقت لاءِ هوا ۾ رهندي آهي.
عام طور تي اسان سفر لاءِ گاڏي، بس يا ٽرين جي چونڊ ڪندا آهيون پر اتر اسڪاٽ لينڊ ۾ صورتحال ڪجهه مختلف آهي، هتي آرڪني ٻيٺ واسين وٽ رڳو ٻه ئي رستا آهن، پاڻي تي فيري ( ٻيڙي نما جهاز ) جي سواري يا وري مختصر فلائيٽ جي چونڊ.
ٻيٽ واسين ۾ ٻيو آپشن وڌيڪ مقبول آهي ڇو ته ٻيڙي کي پاڻي جي وهڪري جي لاهن چاڙهن سبب گهڻي ڀاڱي ڏکائين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، اِهو ئي سبب آهي جو ٻيٽ واسي هوائي سفر کي ترجيح ڏيندا آهن جنهن کي دنيا جي مختصر ترين ڪمرشل فلائيٽ قرار ڏنو ويندو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، دنيا جي مختير فلائيٽ عام طور تي اٽڪل 90 سيڪنڊن تائين هوا ۾ رهندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اِهو سفر هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ( 53 سيڪنڊ ) ۾ طئي ڪري سگهجي ٿو، حالتون سازگار نه هئڻ جي صورت ۾ جهاز اٽڪل ٽن منٽن تائين هوا ۾ رهندو آهي.
دنيا جي مختصر ترين ڪمرشل اُڏام جي شروعات 1967ع ۾ ڪئي وئي هئي جيڪا رڳو هڪ ڏهائي ست ميل ( گهڻي قدر وڏن هوائي اڏن جي رن وي کان به ننڍو) فاصلو طئي ڪندي آهي، اِهو سفر هوائي جهاز کان وڌيڪ بس جي سواري سان ملندڙ جلندڙ آهي ڇو ته ان جهاز ۾ رڳو هڪ پائليٽ ۽ اٺ سيٽون هونديون آهن.
Next Post
You might also like