وفاق ڪيترن ئي منصوبن جي رقم جاري نه ڪئي، سنڌ جون ميارون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناڻي کاتي وفاق طرفان منصوبن لاءِ رقم نه ملڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
ناڻي کاتي موجب مالي سال 24-2023 ۾ وفاق کي پي ايس ڊي پي جي مد ۾ اربين رپيا جاري ڪرڻا هئا، وفاق 16 منصوبن ۾ ڪا رقم جاري نه ڪئي.
ناڻي کاتي چيو آهي ته سائٽ انڊسٽريل ڪراچي جي نئين سر بحالي جي منصوبي لاءِ اڍائي ارب جاري ڪرڻا هئا، سکر ۽ گڊو بئراج ايم 5 انٽر چينج لاءِ 4 اربن مان ڪا رقم جاري نه ٿي، ٽنڊي الهيار کان ٽنڊي آدم تائين روڊ لاءِ ٻه ارب جاري ٿيڻا هئا.
جاري ڪيل تفصيلن موجب مهراڻ هاءِ وي نواب شاهه کان راڻي پور لاءِ 4 اربن مان ڪا رقم جاري نه ٿي سگهي، نيشنل هاءِ وي اين 5 لاءِ 3 ارب رپيا جاري نه ٿي سگهيا.
واٽر فلٽريشن پلانٽ ۽ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ 5-5 ڪروڙ رپيا جاري نه ٿي سگهيا، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي 36 ڪلو ميٽرن لاءِ ٻه ارب رپين جي رقم جاري نه ڪئي وئي.
ناڻي کاتي ٻڌايو آهي ته وفاق ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن لاءِ ٻه ارب ۽ گهرن جي تعمير لاءِ اڍائي ارب رپين مان ڪا به رقم جاري ناهي ڪئي.

ppp sindh pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.