اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان کي قومي اسيمبلي جي چئن اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ ملي وئي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب فاروق ستار نجڪاري بابت ڪميٽي جو چيئرمين ۽ امين الحق آءِ ٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين بڻجي ويو.
سيڪريٽريٽ ٻڌايو ته جاويد حنيف واپار بابت ڪميٽي جو چيئرمين ۽ حفيظ الدين ايڊووڪيٽ صنعتي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين هوندو.
mqm farooqsattar pmln