اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسلام عورتن کي ڪيترائي حق ڏنا آهن پر غيرت جي نالي تي قتل جي اصطلاح غلط استعمال ڪئي ويندي آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ عورتن کي مسمات سڏيو ويندو آهي، اسان پنهنجو مثبت ڪلچر وساري ويٺا آهيون، مان پاڪستان جي آئين مان ڪجهه مثبت شيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 25 کي ڏسندي عورتن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، مرد به شڪايتون ڪري رهيا آهن ته عورتن لاءِ ڪوٽا سسٽم هوندو آهي، قرآن پاڪ جو پهريون لفظ اقرا آهن، جيڪو مرد عورت ۾ فرق نٿو ڪري، آئين جو آرٽيڪل 25 به برابر ورتاءَ جي ڳالهه ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته غيرت جي نالي تي قتل جي اصطلاح غلط استعمال ڪئي ويندي آهي، اصل معنيٰ تڪبر جي بنياد تي قتل آهي ۽ اسلام ۾ تڪبر سخت منع آهي.
چيف جسٽس چيو آئين ۾ لکيل آهي ته عورتن جي نمائندگي هر شعبي ۾ ٿيندي، قومي اسيمبلي ۾ رڳو مخصوص سيٽن ذريعي ئي عورتون ناهن اينديون، عورتون اليڪشن کٽي به پارليامينٽ ميمبر چونڊبيون آهن.
قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪردار ڪشي سزا جوڳو ڏوهه آهي، اسلام ۾ زنا ثابت ڪرڻ لاءِ 4 شاهدن جو شرط لازمي آهي، چار شاهدن جو شرط پورو ڪرڻ بنا عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي.
chiefjusticeofpakistan qazifaezisa supremecourtofpakistan