ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان آگسٽ 2023 جي اشتهارن موجب ڪيل 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ پهرئين کان پندرهين گريڊ تي 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين جي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مستقبل ۾ واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڀرتيون نه ڪيون وينديون، سنڌ حڪومت ڀرتين بابت ٺاهيل قانونن موجب نئين ڀرتيون يقيني بڻائي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ هڪ کان 4 ۽ 5 کان 15 جون پوسٽون ضلعي بنيادن تي ڀريون وڃن.
عدالت آگسٽ 2023 جي اشتهارن موجب ڪيل ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته ايم ڪيو ايم آگسٽ 2023 ۾ ٿيندڙ 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين کي چئلينج ڪيو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي منع نامو جاري ڪيو هو.
sindhhighcourt ppp sindh