ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) تازو پنهنجي مسلمان دوست ظهير اقبال سان پسند جو پرڻو ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها جي حمل سان ٿيڻ جا افواهه زور پڪڙي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل ڏينهن تازو پرڻيل جوڙي کي ممبئيءَ جي ڪوڪيلا بين اسپتال مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو ويو .
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ مقامي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته سوناڪشي ۽ ظهير اڇي رنگ جي مرسڊيز ۾ اسپتال کان ٻاهر نڪتا پر ان موقعي تي ٻنهي ميڊيا سان گفتگو ڪرڻ ۽ ڪئمرا آڏو پوز ڏيڻ کان پاسو ڪيو.
سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال جي وائرل وڊيو تي تبصرو ڪندي واهپيدارن سوناڪشي جي حمل سان ٿيڻ جون اڳڪٿيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
واهپيدارن وڊيو تي بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جو مثال ڏنو جنهن رنبير ڪپور سان شادي جي فورن بعد ڳورهاري ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.
اداڪارا جي مداحن چيو ته جيڪڏهن سوناڪشي حمل سان آهي ته اِها انتهائي خوشي جي خبر جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن چيو ته اسپتال وڃن جو قطعي اِهو مطلب ناهي هوءَ ڳورهاري آهي، هوءَ ڪنهن ٻئي طبي مسئلي سبب به اسپتال وڃي سگهي ٿي.
ياد رهي ته سوناڪشي سنها 23 جون تي پنهنجي مسلمان دوست ظهير اقبال سان شادي ڪئي، جوڙي جي شادي جي تقريب ۾ اداڪارا بالي ووڊ سميت ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي هئي.
You might also like