وزيراعظم ايجنسين کي ججن سان رابطو نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ عدليا ۾ سول ۽ ملٽري ايجنسين جي مداخلت روڪڻ لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي هراسان ڪرڻ جي معاملي ۾ 4 صفحن تي ٻڌل لکت عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس شاهد ڪريم عدليا ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ 5 نڪاتي ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم آفيس آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سميت سڀني سول ۽ ملٽري ايجنسين کي هدايت جاري ڪري ته اهي مستقبل ۾ اعليٰ ۽ ماتحت عدليا جي ڪنهن جج يا ان جي عملي سان رابطو نه ڪن.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي پنجاب به ماتحت آفيسرن کي عدليا ۾ مداخلت کان روڪڻ جون هدايتون جاري ڪري، اي ٽي سي عدالتن جي سيڪيورٽي لاءِ لاڳاپيل جج سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اي ٽي سي جا جج پنهنجي موبائل ۾ هر ڪال رڪارڊ ڪن، پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي جون خاص عدالتون 9 مئي جي ڪيسن جو ترجيحي بنيادن تي فيصلو ڪن.
جسٽس شاهد ڪريم حنا حفيظ الله کي عدالتي مددگار مقرر ڪندي اي ٽي سي جج سرگوڌا جي معاملي تي عملي کي جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته جاچ جون وڊيوز رڪارڊ ڪري هاءِ ڪورٽ کي فراهم ڪيون وڃن.
عدالت لاڳاپيل اختيارين کي 8 جولاءِ تائين عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

lahorehighcourt pmln shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.