ماهيما چوڌري ڪئنسر سان جهيڙيندڙ حنا خان کي بهادر قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ماضي جي مشهور اداڪارا ماهيما چوڌري ڀارتي ڊرامن ذريعي شهرت جي بلندين کي ڇُهندڙ اداڪارا حنا خان کي بهادر قرار ڏندي سندس حوصلو وڌايو آهي.
گذريل ڏينهن اداڪارا حنا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڇاتيءَ جي ڪئنسر ۾ مبتلا هجڻ جي خبر شيئر ڪئي هئي.
اداڪارا حنا خان تصديق ڪندي ٻڌايو ته هوءَ اسٽيج ٿري جي بريسٽ ڪئنسر ۾ مبتلا آهي ۽ سندس علاج هلندڙ آهي.
سندس پوسٽ وائرل ٿيڻ کانپوءِ ساٿي اداڪارن طرفان سندس لاءِ نيڪ خواهشن اظهار ڪيو ويو.
ڄاڻايل پوسٽ تي تبصرو ڪندي ڪئنسر کي مات ڏيندڙ ماضي جي خوبرو اداڪارا ماهيما چوڌري سندس حوصلو وڌايو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
هن لکيو ته حنا اوهان بهادر آهيون ۽ مان ڄاڻان ٿي ته اوهان صحتياب ٿي ويندا، اوهان جا لکين چاهندڙ آهن، جيڪي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا ۽ مان به انهن ذريعي هٿ ٻڌي اتي موجود رهنديس.

hinakhan mahimachaudhry breastcancer

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.