ٺارو شاهه (ويب ڊيسڪ) ٺارو شاهه ويجهو تيز رفتار گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
ڳوٺ گاجرائي سھتا واسي نوجوان عارف سھتو پنجاب کان واپس ڳوٺ ايندي قومي شاھراھه تي روڊ ڪراس ڪرڻ دوران گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي هـُو زخمن جا سور نه سھندي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.
صاحب خان سھتو ٻڌايو ته پٽ پنجاب جي شھر ملتان ۾ ميندي کپائيندو ھو، جيڪو اڄ ڳوٺ اچي رھيو ھو ته مسافر بس جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي.
tharushah sindh noushereferoz