ڪراچي: محرم الحرام دوران بنا اجازت جلوس ڪڍڻ ۽ ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ محرم الحرام دوران اجازت کانسواءِ جلوس ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين محرم کان 10 محرم تائين پابندي لاڳو هوندي.
سنڌ جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته 9 ۽ 10 محرم تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته محرم الحرام دوران هٿيارن جي نمائش ۽ ڊرونز اڏائڻ تي پڻ پابندي هوندي.

karachi sindh ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.