لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي نئون ديرو چوڪ واري علائقي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو موٽرسائيڪلن جي آٽوز کي باھ لڳي، جنهن جو اطلاع علائقي واسين پاران فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو، پر فائر برگيڊ جو عملو دير سان پهچڻ سبب آٽوز ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.
ان موقعي تي آٽوز مالڪ جي ڀاءُ نادر علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واپڊا وارن جي نااهلي سبب دڪان جي ڀرسان لڳل بجلي جي ٽراسفارمر مان اوچتو اسان جي دڪان کي باھ لڳي وئي، جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ دڪان مالڪ مقسود عباسي سندس ٻه ملازم عرفان علي ڪلهوڙو ۽ شمس علي ڪلهوڙو ٻوسٽ سبب بيهوش ٿي ويا، جنهن کي علائقي واسين کڻائي اسپتال پهچايو آهي، جڏهن ته اهڙو اطلاع اسان فائر برگيڊ عملي کي ڏنوسين، جيڪو دير سان پهتو، جنهن ڪري دڪان ۾ پيل 10 لک روپين جي ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.
هن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي مالي مدد ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.