ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ڪينجهر ڍنڍ تي پڪنڪ تي آيل ڪراچي واسي ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو.
فوتي ٻارڙي جي مڙهه کي وارثن ريسڪيو جي مدد سان ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻي مان ڪڍي اسپتال پهچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
فوتي ٻار جي سڃاڻپ 5 ورهين جي اريب پٽ لئيق طور آهي، جيڪو ملير ڪراچي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
keenjharlake thatta sindh