ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر بڻجي آيل بيڪري ملازم هٿيڪو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر جي سيڪيورٽي عملي جعلي ڊاڪٽر بڻجي آيل بيڪري ملازم کي هٿيڪو ڪري ورتو.
ڊاڪٽرن جو لباس پائي عبدالله نالي شخص سول اسپتال ٽراما سينٽر جي فلور تي گهمي رهيو هو ته سيڪيورٽي عملي کي شڪ ٿيو، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هو جعلي ڊاڪٽر آهي.
اسپتال جي سيڪيورٽي عملي ٻڌايو ته عبدالله نالي شخص بيڪري ملازم آهي، جنهن کي ڊاڪٽر بڻجڻ جو شوق آهي،هن کي 3 مهينا پهريان به پڪڙيو ويو هو.
عبدالله جو چوڻ هو ته مونکي ننڍپڻ کان ڊاڪٽر بڻجڻ جو شوق هو، ليب ڪوٽ پائي اسپتال ۾ گهمندو رهندو آهيان.
Pakistan Sindh Doctors

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.