بجلي جي ڳرن بلن خلاف واپارين پاران سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان انجمن تاجران بجلي جي ڳرن بلن خلاف پهرين جولائي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته 30 جون تي واڌو ٽئڪسز ختم نه ڪيا ويا ته ايندڙ حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.
اسلام آباد ۾ آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پهرين جولائي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ اسان جي سمورن مرڪزن جا واپاري موجود آهن.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته 200 يونٽ جو بل ڪجهه ٻيو ۽ ان کان وڌيڪ جو بل اڃا ڪجهه ٻيو آهي، آءِ پي پيز حڪومتي وڏڙن جي آهي، انهن کي ادائيگيون ڊالرز ۾ ٿي رهيون آهن.
اجمل بلوچ واپارين کي اپيل ڪندي چيو ته پهرين جولائي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو وڃي، احتجاج ۾ عوام به اسان جو ساٿ ڏي، ان ڏينهن هر سطح ۽ هر روڊ تي احتجاج ٿيندو.
Pakistan Wapda Protest

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.