ڪراچي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن: سي او او واٽر ڪارپوريشن

ڪراچي (پ ر) شهر ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ سمورن ٽائونن ۾ پاڻي جي بهتر فراهمي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، شهر ۾ پاڻي کوٽ جون شڪايتون فوري طور تي حل ڪيون وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان واٽر ڊسٽري بيوشن، بلڪ ۽ واٽر ٽرنڪ مين جي چيف انجنيئرن سان ملاقات دوران ڪيو.

ان موقعي تي واٽر ڪارپوريشن جي سمورن چيف انجنيئرن سميت بلڪ ۽ واٽر ٽرنڪ مين جا سپرنٽينڊنگ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز موجود هئا.

ملاقات جي دوران واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن پاران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بابت مختلف تجويزن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ۽ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو تہ شهر ۾ پاڻي جي بهتر فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

سي او واٽر ڪارپوريشن واٽر ڊسٽري بيوشن، بلڪ ۽ واٽر ٽرنڪ مين جي چيف انجنيئرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ شهر ۾ پاڻي بھتر فراهمي جي لاءِ واٽر ڊسٽري بيوشن، بلڪ ۽ واٽر ٽرنڪ مين پنھنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائين تہ جيئن شهر ۾ پاڻي جي کوٽ نہ ٿئي.

هن سمورن آفيسرن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو تہ شهر ۾ پاڻي کوٽ جون شڪايتون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.