مالي (ويب ڊيسڪ) مالديپ جي صدر محمد موعزو تي ڪارو جادو ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن وزيرن سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
مقامي ميڊيا موجب گرفتار وزيرن ۾ ماحوليات واري وزير فاطما شمناز سليم ۽ ان جو اڳوڻو مڙس آدم رميز به شامل آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گرفتار جوابدارن کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي، فاطما شهناز سليم کي وزارت ماحوليات جي عهدي تان به هٽايو ويو.
مالديپ جي حڪومت ۽ صدارتي آفيس اڃا تائين انهي مامري تان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.
Maldives President Police
You might also like