ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر شاهنوار ڏاهاڻي اداڪارا هانيا عامر سان سندس شاديءَ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
ڪجهه ڏينهن کان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شاهنواز ڏاهاڻي ۽ اداڪارا هانيا عامر جي شاديءَ جون خبرون شيئر ٿي رهيون هيون، جنهن بعد ٻنهي شخصيتن جا مداح ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا هئا.
پر هاڻ ڪرڪيٽر شاهنوار ڏهاڻي اهڙين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي منهنجي اداڪارا هانيا عامر سان شادي بابت بي بنياد ۽ ڪوڙيون خبرون هلايون پيون وڃن.
هن چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ خبر ڪا به صداقت ناهي، جڏهن به مڱڻي يا شادي ڪندس ته سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ٻُڌائيندس.
Prev Post
You might also like