ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ٻن ڏهاڪن کان، ثانيه مرزا هندستان جي سڀ کان مقبول عورت ٽينس آئڪن رهي آهي، تازو ئي هوءَ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ کان طلاق وٺڻ سبب خبرن ۾ رهي آهي.
هاڻي پنهنجي پٽ اذهان لاءِ ماءُ جو بهترين ڪردار نڀايو، هن ڪيرئير ۾ به شاندار ڪاميابيون ماڻيون.
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي سان سندس شادي جا افواهه ڪجهه ڏينهن کان گردش ڪري رهيا آهن.
ثانيه مرزا جي پيءَ عمران مرزا انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻ ثانيه مرزا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اعلان ڪيو آهي ته هوءَ آمريڪي آئس ڪريم ڪمپني Haagen-Dozs پاران شروع ڪيل Haagen-Dazs Rose پروجيڪٽ جي برانڊ ايمبيسڊر مقرر ٿي وئي آهي.
2023 ۾، Haagen-Dazs عورتن جي عالمي ڏينهن تي گلاب پروجيڪٽ شروع ڪيو ۽ ان جو مقصد هر سطح تي عورتن جي حمايت ڪرڻ آهي.