پاڪستاني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عام عوام کي اي سي باٿ روم جي سهولت!

ڪراچي (پ ر) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئر ڪنڊيڪشن پبلڪ واش رومز جو افتتاح ڪيو ويو آهي.

هن واش روم ۾ شيمپو، ٽوال ۽ صابڻ سڀ ڪجهه هوندو.

لاهور ريلوي اسٽيشن تي ايئرڪنڊيشنڊ واش رومز عوام لاءِ کوليا ويا آهن.

ايگزيڪيوٽو واش روم صاف ۽ جديد سهولتن سان ليس آهن جن ۾ سيني ٽائيزر ۽ هينڊ ڊرائير شامل آهن.

سياري ۾ پاڻي گرم رکڻ لاءِ واش رومز ۾ گيزر لڳايا ويا آهن.

واش رومز ۾ سفر سبب ٿڪل مسافرن کي تازگي ملندي ڇو ته هو وهنجي سگهندا ۽ ان سلسلي ۾ شيمپو ۽ صاف ٽوال پڻ دستياب هوندا.

واش رومز جي هڪ ٻي خاصيت اها آهي ته انهن ۾ مائرن جي سهولت لاءِ بيبي ڊائپر تبديل ڪرڻ جا اسٽينڊ پڻ آهن.

خيال رهي ته باٿ روم استعمال ڪرڻ جي في 50 رپيا رکي وئي آهي.

You might also like