ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت ” ٻن شادين “ جي حمايت تي ڀارتي ماڊل عرفي جاويد کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
عرفي جاويد ڪجهه عرصو اڳ ” او ٽي ٽي بيگ باس ٿري “ جي اميدوار ارمان ملڪ جي ٻن شادين تي سندس حمايت ڪئي هئي.
راکي ساونت سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي عرفي کي مخاطب ڪندي لکيو ته هن کي ( عرفي جاويد ) جيڪو سمجهه ۾ ايندو آهي چوندي رهندي آهي، جيڪڏهن هن سان ائين ٿئي ها ته برداشت نه ڪري سگهي ها.
هن چيو ته جيڪڏهن عرفي جو مڙس ٻي زال پرڻجي اچي ها ته هوءَ ڪڏهن به کيس برداشت نه ڪري ها.
راکي ساونت چيو ته مڙس جي ٻي شادي تي عرفي نه رڳو مڙس پر سندس ٻه زال سان به وڙهي ها ۽ جيل هلي وڃي ها.
هن عرفي کي مشورو ڏيندي چيو ته کيس شادي جو تجربو نه آهي انڪري هن کي اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن.
You might also like