گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 جو فائنل ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ اڄ کيڏيو ويندو.
ٻئي ٽيمون باربيڊوس جي برج ٽائون ڪنگسٽن اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي آمهون سامهون ٿينديون.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 68 رنز سان شڪست ڏئي فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي .
ڀارت انگلينڊ کي 172 رنز جو هدف ڏنو هو جنهن جي جواب ۾ انگلش ٽيم اننگز جي شروعات سان ئي ڏکيائين جو شڪار بڻجي وئي ۽ 103 رنز تي ڍير ٿي وئي.
شاندار ڪارڪردگي تي اڪشر پٽيل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ان کان اڳ کيڏيل پهرئين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي نوَ وڪيٽن تان هارائي پهريون ڀيرو ڪنهن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
You might also like