سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر بئراج جي 47 گيٽ جي لڳائڻ وارو معاملو بند مڪمل ٿي ويو، ڪيسنگ گيٽ کي 47 هين گيٽ ۾ لڳائڻ جون تياريون مڪمل، 24 ڪلاڪن ۾ ڪيسنگ گيٽ لڳي ويندو، آبپاشي ذريعا، ان سلسلي ۾ سکر بئراج جي 47 هين نمبر گيٽ جي ڊيمج ٿيڻ واري مامري کان پوءِ صوبائي وزير آبپاشي سميت سنڌ جو وڏو وزيرسيد مراد علي شاھه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ ۽ ٻين سکر بئراج پهچي جائزو ورتو جنهن بعد دروازي جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو سکر پهچي گيٽ جي بحالي واري ڪم جي مانيٽرنگ ڪندو رهيو ۽ هدايتون ڏيندو رهيو ان ڏس ۾ صوبائي وزير پڻ سکر بئراج جي هلندڙ گيٽن واري ڪم بابت ميڊيا کي پڻ بريفنگ ڏيندو رهيو آھي جڏهن ته ڪالهه پڻ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري ظريف کهيڙو ڪيسنگ گيٽ کي 47 هين نمبر گيٽ جي عارضي متبادل گيٽ طور لڳائڻ وارن انتظامن جي مڪمل ڪرڻ جو جائزو وٺندا رهيا، ان ڏس ۾ انچارج ڪنٽرول روم سکر بئراج عبدالعزيز سومرو سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن اندر ڪيسنگ گيٽ لڳايو ويندو جيسي تائين ڪيسنگ گيٽ نه لڳندو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي سکر بئراج تي موجود رهندا ڪيسنگ گيٽ لڳائڻ لاءِ پاڻي جي پانڊ ليول ڌائڻ لاءِ بئراج جا گيٽ هيٺ لاٿا ويا آھن جيئن ئي پاڻي سطح ۾ اضافو ٿيندو ته ڪيسنگ گيٽ کي آڻي لڳايو ويندو جڏهن ته آبادگارن کي خريف جي فصلن جي پوکائي لاءِ پڻ سکر بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آھي پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڪئنالن جي پاڻي فراهم ۾ واڌ ايندي.