پي ٽي آءِ جو عدت نڪاح ڪيس جو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو ته عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي خلاف فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، اسان ان فيصلي جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي آزاد ٿيڻ تائين ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، اسان جي تحريڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌندي ۽ هر هنڌ احتجاج ڪنداسين. هن چيو ته عدالت عمران خان، بشرا بي بي جي عدت ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست منظور نه ڪئي، اها درخواست منظور ٿيڻ گهرجي ها، ان ۾ ڪا به پيچيدگي ناهي. هن چيو ته اسان کي ان فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو قانوني حق آهي، هن ڪيس ۾ ڪي به ٽيڪنيڪل تفصيل استعمال نه ڪيا ويا ۽ سزا معطل ڪئي وئي. هن چيو ته زال مڙس جي معاملي تي سياست ڪئي وئي. هن کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو ۽ سزا اڄ معطل نه ڪئي وئي. عمر ايوب چيو ته اسان پنهنجي وڪيلن ذريعي ان کي چئلينج ڪنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.