ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ حوالي سان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) اميرجماعت اسلامي ڪراچي جي  امير منعم ظفر پاران ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان سنڌهاءِڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست گذار توانائي جي کاتي، يپرا۽ کي اليڪٽرڪ کي ڌرٺاهيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته هيٽ ويوجي ڪري بجلي بند نه ڪئي وڃي. درخواستگذار 71سيڪڙو فيڊرزکي لوڊشيڊنگ فري ڪرڻ کي غلط قرار ڏنو آهي. ڪراچي 16 کان 18ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي .ڪراچي جو گرمي پد 40کان مٿان ٿي ويندو آهي جنهن ڪري ڪتيراماڻهن اسپتالن ۾ آهن .ڪراچي ملڪ جي ناڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ روينيوڏينو آهي .ڪي اليڪٽرڪ کي وڌيڪ لوڊشيدنگ کان روڪيو وڃي .امير جماعت اسلامي منعم ظفر ميڊياسان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ڪي اليڪٽرڪ جي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.اسان نيپرا ۾ مسلسل ان معاملي تي احتجاج ڪيو ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.هن سال نيپرا 5 ڪروڙ جا ڏنڊ لڳايا، ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته انهن ڏنڊ جي رقم ادا ڪري ڇڏي آهي، ان باوجود لوڊشيڊنگ ختم ناهي ٿي.شهر جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي ۽ اضافي بل موڪليا پيا وڃن.جڏهن ته نيپرا جو آرڊر آهي جتي بلن جي ادائگي ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.