ٽنڊو آدم (رپورٽ: ممتاز علي حيدري) ٽنڊي آدم لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيو.
ڀٽ شاھه روڊ تي ڳوٺ غلام قادر جوڻيجو وٽ تيز رفتار ڊاٽسن جو ٽڪر لڳڻ سبب پورهيت عنايت الله جمالي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڊاٽسن ڊرائيور غلام مرتضيٰ لغاري زخمي ٿي پيو.
زخمي ۽ فوتي جو مڙهه تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
tandoadam hyderabad sindh