انٽرنيٽ سينسيشن،انٽرٽينر ۽ نالي ماتر فنڪار چاهت فتح علي خان جي مشهور گاني ”اک لڙي بدو بدي“ جو ري ميڪ ”بدو بدي“ يوٽيوب تي بحال ڪري ڇڏيو آهي.
فنڪار ۽ اداڪار چاهت فتح علي خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ۽ يوٽيوب چينل تي نئين وڊيو شيئر ڪئي، جنهن جو ٽائٽل هن ”اسپيشل ٿينڪس انائونسمينٽ“ رکيو آهي.
چاهت فتح علي خان پنهنجي انهي وڊيو ۾ الله ۽ پنهنجي مداحن جو شڪريو ادا ڪندي ٻڌايو ته يوٽيوب منهنجو گانو ”بدو بدي“ واپس بحال ڪري ڇڏيو آهي.
سندس جو چوڻ هو ته مان اهو گانو عيدالفطر جي چنڊ رات تي رليز ڪيو هو، جنهن کي ٽن هفتن بعد ڊليٽ ڪيو ويو، انهي گاني تي 28 لک کان وڌيڪ ويوز آيا هئا.
Youtube Pakistan ChahatFatehAlikhan
You might also like