دادو ڀرسان پراڻي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻه زخمي

دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ويجهو پراڻي تڪرار تان گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ ٻڍل گوپانگ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو واجد علي پٽ عارب گوپانگ مارجي ويو،
1 ڄڻو مارجي ويو، فوتي جي سڃاڻپ واحد علي پٽ عارب گوپانگ طور ٿي آهي، جڏهن ته 2 ڄڻا علي رضا ۽ مجاهد گوپانگ زخمي ٿي پيا.
متاثر ڌر مقتول جو لاش ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

dadu sindh awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.