عامر خان ڪروڙين رپين جو نئون اپارٽمينٽ خريد ڪري ورتو

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان ممبئي ۾ هڪ نئون اپارٽمينٽ خريد ڪري ورتو آهي، پراپرٽي رجسٽريشن جي ڪاغذن موجب هن اهو اپارٽمينٽ 9 ڪروڙ 75 لک رپين ۾ خريد ڪيو.
اها لگزري پراپرٽي شهر جي پوسٽ علائقي پالي هل ۾ واقع آهي، مسٽر پرفيڪشنسٽ جي اها نئين پراپرٽي بلڪل تيار حالت ۾ آهي، جنهن ۾ فوري طور منتقل ٿي سگهجي ٿو.
ان جي ايراضي لڳ ڀڳ 1027 اسڪوائر فٽ (ڪار پٽ ايريا) آهي، ٽرانسفر ٿيڻ واري ملڪيت تي ساڍا 58 لک رپين جي اسٽيمپ ڊيوٽي ۽ 30 هزار رپين جي رجسٽريشن فيس ادا ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته عامر خان باندرا ۾ سمنڊ ڪناري هڪ پنج هزار گز جي مڪان جو مالڪ آهي، جڏهن ته هن 2013ع ۾ پنجگڻي ۾ ٻن ايڪڙن تي مشتمل 7 ڪروڙ رپين جو هڪ فارم هائوس به خريد ڪيو هو.
AmirKhan Actor Bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.