داد لغاري (رپورٽر) داد لغاري ڀرسان نرلي مائينر ۾ وهنجندي ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ سجاول لغاري واسي 9 ورهين جو نينگر نثار لغاري نرلي مائنر جي آر ڊي 66 وٽ تڙ ڪندي ٻڏي ويو، جنهن بعد وارثن ڳولا ڪئي پر نينگر هٿ نه آيو.
مقامي ٽوٻن کي گهرائڻ کانپوءِ 5 ڪلاڪ جي ڳولا بعد نينگر جو لاش هٿ آيو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
dadlaghari sindh awamiawaz