ٽرينڊاڊ ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ افغانستان جي ڪپتان راشد خان جو بيان سامهون آيو آهي.
ٽرينڊاڊ ۽ ٽوباگو جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرئين سيمي فئانل ۾ ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي بعد ڪنهن به آءِ سي سي ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهريون ڀيرو ڪواليفاءِ ڪندڙ افغان ٽيم کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
سيمي افغانستان جي ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست کانپوءِ افغان ٽيم جي ڪپتان راشد خان سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.
راشد خان لکيو ته اسان هي عالمي ڪپ کي سدائين ياد رکنداسين، ٽيم جي هر رانديگر ڄمي مقابلو ڪيو ۽ مون کي پوري ٽيم تي فخر آهي.
افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته اسان پنهنجي سفر جي شروعات اتان کان ڪنداسين ۽ ٻئي ڀيري اڃا به وڌيڪ مضبوطي سان واپسي ڪنداسين.
راشد خان ٽيم کي سپورٽ ڪندڙ هر فرد جا ٿورا مڃيندي ميچ جون ڪجهه تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.
T20Worldcup2024 Semifinal1 RashidKhan SAvsAFG