اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه وڌڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 8 رپيا في ليٽر اضافي جو امڪان آهي.
لاڳيتو 4 ڀيرا قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 7 کان 8 رپيا في ليٽر اضافي جو ڪاٿو لڳايو ويو.
قيمتن ۾ مسلسل 4 ڀيرا گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 7 کان 8 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جنهن جو وڏو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 15 ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.4 ڊالر في بيرل ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.5 ڊالر في بيرل واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي .
واضح رهي ته هن وقت پيٽرول 258.16 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 267.89 رپيا في ليٽر آهي.
جيڪڏهن حڪومت نئين مالي سال جي شروعات سان ئي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي موجوده 60 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ ڪئي ته قيمتون اڃا به وڌي سگهن ٿيون.
فنانس بل 2024ع ۾ حڪومت پيٽروليم ليوي جي وڌ ۾ وڌ حد وڌائي 80 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي آهي ته جيئن مالي سال 2024ع دوران 960 ارب رپين جي امڪاني مقابلي ۾ 12.80 بلين رپيا وصول ڪيا وڃن، جيڪا 869 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي .
Petrol diesel prices Pakistan