بوليويا: حڪومت جو تختو انڌو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، آرمي چيف گرفتار

ڏکڻ آمريڪي ملڪ بوليويا جي فوجي جنرل طرفان حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي مبينا ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بوليويا جي آرمي چيف جي قيادت ۾ جهموريت بحالي جي نالي تي فوجي گاڏيون صدارتي محل جو رخ ڪيو، ملڪ جي صدر فوج جي ان عمل کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو.
فوج جي صدارتي محل ڏانهن وڌڻ کانپوءِ لوئس آرس فوري طور هڪ جنرل کي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.
حڪومت جو تختو اونڌي ڪرڻ جو اطلاع صدر لوئس آرس جي حامين کي مليو ته هو صدارتي محل جي آڏو چوڪ تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا.
بوليايا ۾ اٽڪل ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ بحران دوران نئين فوجي سربراهه فوج کي پوئتي هٽڻ ۽ پنهنجي بيرڪين ڏانهن واپسي جو حڪم ڏنو.
ان ڏس ۾ مبينا بغاوت ڪندڙ آرمي چيف جنرل کوان کوسي زونيگا کي صدارتي محل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو جنهن کانپوءِ نئين سپهه سالار جي هدايتن جي روشني ۾ فوجي اهلڪار پنهنجي گاڏين ۾ واپس موٽي ويا.
فوجي جي واپسي جي خبر ٻڌڻ تي صدر جي حامين ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي ۽ هو ملڪ جو پرچم هٿن ۾ کڻي روڊن تي نعربازي ڪندا رهيا.
بوليويا جي اٽارني جنرل اڳوڻي آرمي چيف کي مبينا سازش جو ذميوار قرار ڏيندي سندس خلاف جاچ جو اعلان ڪيو آهي.
حڪومتي وزيرن تصديق ڪئي آهي ته آرمي چيف سميت نيوي ايڊمرل کوان آرنز کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

Bolivia militaryassault

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.