نيپال ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار

کٽمنڊو ( ويب ڊيسڪ ) نيپال ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڌار ڌار حادثن ۾ ويهه ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري جِي رپورٽ موجب ڪيترن ئي هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
رپورٽ موجب برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٻن ڏينهن دوران ويهه فوتگيون ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 11، جڏهن ته وڄ ڪرڻ جَي واقعن ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا……….

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.