نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي لوڪ سڀا ۾ 10 ورهين کان خالي اپوزيشن ليڊر جو عهدو راهول گانڌي کي ملي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جو اڳواڻ راهول گانڌي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بڻجي ويو آهي.
گذريل ٻن عام چونڊن ۾ ڪانگريس کي اپوزيشن ليڊر لاءِ گهربل انگ ۾ سيٽون نه مليون هيون پر هاڻ 10 سالن کانپوءِ راهول گانڌي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر جو ڪردار ادا ڪندو.
ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر کي ڪابينا ميمبر جو درجو حاصل هوندو آهي، ان کانسواءِ اپوزيشن ليڊر چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪمشنرن ۽ سي بي آءِ ڊائريڪٽر کي چونڊيندڙ پئنل ۾ به شامل هوندو آهي.
ڀارت ۾ اپوزيشن جي ڪنهن جماعت کي اپوزيشن ليڊر جو عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ ايوان جي ڪُل سيٽن جو 10 سيڪڙو (54 سيٽون) حاصل ڪرڻيون پونديون آهن پر گذريل هڪ ڏهاڪي کان اپوزيشن جي ڪا جماعت ايتريون سيٽون حاصل نه ڪري سگهي هئي.
rahulgandhi india newdelhi