اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ميمبر طور پگهار ۽ الائونس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آصفه ڀٽو زرداري ان حوالي سان سيڪريٽري جنرل قومي اسيمبلي کي باقاعدي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مان ميمبر طور ڪا پگهار يا الائونس نه وٺنديس، جيڪڏهن ڪا پگهار يا الائونس جاري ڪيا ويا آهن ته اهي رد ڪيا وڃن.
asefabhuttozardari ppp asifzardari