لاهور ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) عورتن جي ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 2024 لاءِ جنيد خان کي اهم ذميواري سونپي ڇڏي آهي.
ايندڙ وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي تياري لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي چئن ڏينهن جي تربيتي ڪئمپ اربع کان ڪراچي جي حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ لڳائي وئي آهي.
عورتن جي قومي سليڪشن ڪميٽي سريلنڪا جي شهر دمبولا ۾ شيڊيول ايونٽ لاءِ اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ 28 ڪرڪيٽرز کي سندن ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئمپ گهرايو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومينز ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي طرفان محمد وسيم هيڊ ڪوچ طور ڪم ڪندو جڏهن ته اڳوڻي ٽيسٽ بالر عبدالرحمان اسپن بالنگ ۽ جنيد خان کي اسسٽنٽ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
PCB PakistanWomenCricketTeam JuniadKhan