اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ تي تحريڪ انصاف به پنهنجا شرط سامهون رکي ڇڏيا.
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب وزيراعظم جي آڇ تي پنهنجي خطاب ۾ شرط ورجايا ۽ چيو ته پي ٽي آءِ باني سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.
هن چيو ته مان فارم 47 جي وزيراعظم کي چوان ٿو ته ڳالهيون تڏهن ٿينديون، جڏهن منهنجو وزيراعظم ٻاهر ايندو، جڏهن منهنجا قيدي ٻاهر ايندا، هي هائوس ان وقت هلندو، جڏهن اسان جو احترام ٿيندو.
omarayub pti shahbazsharif