” گلبدين جي انجري روئاري ڇڏيو“

آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش افغان ڪرڪيٽر گلبدي نائب جي انجري واري معاملي کي سڀ کان مزاحيه واقعو قرار ڏئي ڇڏيو.
مچل مارش گلبدين جي انجري تي بيان ڏيندي چيو ته مون ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪڏهن به اهڙي قسم جي شئي ناهي ڏٺي، مان ايترو کليس جو اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا.
آسٽريلوي ڪپتان چيو ته آخر ۾ اهڙي عمل جو راند تي ڪو اثر نه پيو، هڪ گروپ جي صورت ۾ افغانستان واري ميچ ڏٺي ۽ ڇا ته شاندار ميچ هئي.
هن چيو ته افغانستان ۽ بنگلاديش جي ميچ دوران ڪيئي دلچسپ موڙ آيا، اسان ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ کيڏڻ چاهيون پيا.
مچل مارش وڌيڪ چيو ته ڪجهه شيون اوهان جي هٿ وس ناهن هونديون ۽ ان اسان پاڻ کي ذميوار قرار ڏيون ٿا، آخري بنگالي بيٽر جي آئوٽ ٿيڻ تي اسان دنگ رهجي ويا هئاسين، افغانستان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ۽ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي حقدار هئي.

MitchellMarsh GulbadinNaib AFGvsBAN T20Worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.