ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ : سوريا ڪمار نمبر ون بيٽر نه رهيو، بابر ۽ رضوان جي پوزيشن به ڊائون

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ هڪ درجو تنزلي کانپوءِ چوٿين ۽ پنجين نمبر تي هليو ويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن تحت ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو، انگلش اوپنر فل سالٽ، پاڪستان جو ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان رينڪنگ ۾ هڪ هڪ درجو وڃائي ويٺا آهن.
رينڪنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو کان نمبر هڪ بيٽر جي پوزيشن کسجي وئي آهي، سوريا ڪمار ياديو ڊسمبر 2023 کان نمبر ون بيٽر هو جڏهن ته هاڻ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ چار درجا ترقي ماڻيندي ٽي ٽوئنٽي ۾ نمبر ون بيٽر بڻجي ويو آهي.
رينڪنگ ۾ سوريا ڪمار ياديو ٻئي، فل سالٽ ٽئين، بابراعظم چوٿين ۽ محمد رضوان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
رينڪنگ تحت ويسٽ انڊيز جي جانسن چارلس چار درجا ترقي کانپوءِ ڏهين، افغانستان جو رحمان الله گرباز پنج درجا بهتري بعد 11 هين، انگلينڊ جو جوني بئريسٽو 14 درجا ترقي ڪندي 13 هين ۽ ڏکڻ آفريڪي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 10 درجا بهتري سان 15 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائوندرز رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي ووندو هسارنگا ٻيهر نمبر ون ۽ افغانستان جو محمد نبي ٻه درجا ترقي کانپوءِ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
ڀارت جي هادڪ پانڊيا جي رينڪنگ ۾ چار درجا ترقي ٿي آهي جنهن بعد هو آل رائونڊرز جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا جي مارڪوس اسٽوئنس جو چوٿون نمبر آهي.
بالرز جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون نمبر برقرار آهي، افغانستان جي راشد خان جي ٻي پوزيشن آهي.
رينڪنگ ۾ وانندو هسارنگا ٽئين، جوش هيزل ووڊ چوٿين، عقيل حسين پنجين ۽ ايڊم زمپا ٻه درجا بهتري کانپوءِ ڇهين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ان کانسواءِ ڀارت جي ڪُلديپ ياديو ويهه درجا بهتري کانپوءِ 11 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

T20Worldcup2024 BabarAzam MRizwan SuryakumarYadav

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.