اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي آپريشن اعظم سٿ بابت گردش ڪندڙ افواهن تي اعتماد ۾ وٺندي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڏو فوجي آپريشن نه ٿيندو. رپورٽ موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معمول موجب 11 نقاطي ايجنڊا جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري جي تجويز واپس ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته جيڪي نالا ڏنا ويا آهن انهن جي ساک جي پهرين جاچ ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ جي ايگزٽ ڊائريڪٽر جي مقرري جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته وفاقي ڪابينا اي سي سي، سي سي ايل سي جي فيصلن جي توثيق ڪئي، ان کان علاوه ايس او اي جي ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته سولر پينلز تي ڪا به نئين ڊيوٽي نه لڳائي ويندي ته جيئن عام ماڻهو کي قابل تجديد سولر انرجي جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي، هر شهري تائين سستي توانائي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اشرافيه ۽ ملڪ جي وسيلن کي لٽيندڙن جون مراعتون ختم ڪيون وينديون، عام ماڻهو جي معاشي تحفظ ۽ ان کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ويزن لاءِ عزم استحڪام جي رٿا آهي، وڏو فوجي آپريشن نه ٿيندو.وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام مختلف سيڪيورٽي ادارن ۽ پوري رياستي نظام جي گهڻ رخي تعاون جو مجموعي قومي ويزن آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان مقصد لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ بدران اڳ ۾ ئي هلندڙ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته وڏو فوجي آپريشن جنهن ۾ لڏپلاڻ ٿئي، اها غلط فهمي آهي. وزيراعظم زور ڀريو ته ”آپريشن جو مقصد دهشتگردن، ڏوهن ۽ دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي ڳانڍاپي کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ هو“.
اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اها حقيقت آهي اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻي پئي، اها ئي حالتن جي گهرج آهي، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شهباز شريف چيو ته اسان جي حڪومت جي دور ۾ ڏکڻ پنجاب جي بجيٽ وڌيڪ هئي ۽ نوڪريون به وڌيڪ هيون، ڏکڻ پنجاب ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ ڪوٽا وڌيڪ ۽ ملازمن جو حصو وڌيڪ هو، پنجاب پنهنجي وسيلن مان منصوبا ٺاهيا جيڪي وفاق جا منصوبا هئا، هن چيو ته پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پي ڊبليو ڊي ۾ ونڊ ورڇ ٿيندي آهي، ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي آهي، سڀني ميمبرن کي خبر آهي، هن چيو ته خرچن ۾ گهٽتائي جي ڄاڻ هڪ اڌ مهيني ۾ سامهون آڻينداسين، وزيراعظم چيو ته اها حقيقت آهي ته اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻي پئي آهي، اسان کي آءِ ايم ايف کان پيسٽي سائيڊ بابت جواب ڏيندا ۽ اميد آهي ته سٺي خبر ڏيندا ، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 2024-25 جي لاءِ 188 کرب 87 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ 85 کرب جي خساري سان گڏ ٽيڪس جو هدف 12 هزار 970 مقرر ڪيو ويو آهي.