حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مهراڻ سنڌي، سرتاج چانڊيو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته امن امان متعلق صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سکر ۾ ٿيل اجلاس ۾ جرڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. جرڳا ڪرائڻ وارو صدر زرداري جو اعلان عالمي قانونن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڀڃڪڙي آهي. صدر آصف علي زرداري جو اهو بيان توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. اڳواڻن چيو آهي ته ڪنهن به سردار يا مير کي اهو اختيار ناهي ته هو آئين، قانون ۽ ڪورٽن کان مٿانهان فيصلا ڪري. جرڳن بابت ملڪ جي سپريم ڪورٽ وقت بوقت اهڙا تاريخي فيصلا ڏئي اهو واضح ڪيو آهي ته جرڳن جي ڪا به قانوني يا آئيني حيثيت ناهي بلڪ جرڳا ۽ جرڳا ڪندڙ ڏوهاري آهن. تازو 2019 ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي مشتمل بينچ عورتن جي تحفظ بابت هيومن رائيٽس جي هڪ ڪيس ۾ اهو واضح فيصلو ڏنو آهي ته جرڳا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهن. سپريم ڪورٽ ساڳي ئي ڪيس ۾ اهو واضح حڪم ڏنو آهي ته جرڳا آئين جي آرٽيڪل 4، 8، 25، 10-A ۽ 175(3) جي خلاف ورزي آهن ۽ ڪو به ماڻهو يا ماڻهن جو گروه جرڳي جي نالي ۾ ڪي به فيصلا مڙهي ٿو ته اهو ماڻهو يا گروهه آئين ۽ قانون موجب ڏوهاري آهي ۽ ان تي قانون موجب ڪيس هلڻ کپي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته بدنام ڏوھارين، ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرستن کي قانون جي پڪڙ کان بچائڻ لاءِ جرڳا ڪيا پيا وڃن. ڌاڙيل سرعام مسڪين ماڻھن کي اغوا ڪري انھن تي سخت تشدد ڪن ٿا، جنسي ڏاڍائي ڪري وڊيوز وائرل ڪن ٿا، اھڙن سفاڪ ۽ انسانذات جي ويرين خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن، انتظاميه ۽ جديد ھٿيار پھچائيندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي قانون ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪئي وڃي.