ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) ميرپور ماٿيلي جي شھيد ارڏي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سيڪنڊ سول جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ ٿي گذري ، عدالت ۾ ڪيس جي فريادڻ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ سندس وڪيل صلاح الدين پنھور پيش ٿيا جڏھن ته جوابدار اصغر لنڊ طرفان وڪيل قربان ملاڻو پيش ٿيو عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن ۽ شاھدن جي 164 واري بيان رڪارڊ ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي ٻنھي ڌرين جون تقريرون ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر طرفان شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي اڄ 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وڪيل صلاح الدين پنھور جو چوڻ هو ته اڄ 164 جي تحت شھيد صحافي جي وارثن ۽ گواھن جا بيان قلمبند ٿيڻا هئا جنھن حوالي سان عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته وارثن ۽ شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن ، عدالت استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي جڏھن ته اڄ ، بيان رڪارڊ ڪرايا ويندا، ھن چيو ته پوليس پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جي جاچ پڻ مڪمل ٿي وئي آهي اھا رپورٽ به ھن وقت تائين پوليس پيش نه ڪئي آهي جڏھن ته شھيد صحافي جي وارثن ۽ ڪيس جي فريادي ۽ گواھن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ۾ پڻ عدالت کي آگاھي ڏني وئي آھي ڪيس جي حوالي سان وڪيل عبدالله گھوٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪورٽ سڳوري کي بار بار چيو ته ڪيس جو آئي او فيئر انويسٽيگيشن نه پيو ڪري تنھن لاءِ ڪورٽ سڳوري کي بيان 164 پراپر طور رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي اڄ 9 وڳي ڪورٽ سڳوري ۾ شاھدن ۽ فريادڻ جا بيان ورتا ويندا، ھن وڌيڪ چيو ته ڪيس جي آئي او خلاف اسان آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي 10 تاريخ تي درخواست ڏني ھئي ته جنهن جو اڃا تائين ڪوئي جواب ناهي آيو ڪيس جي حوالي سان شھيد جي امڙ مسمات پٺاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي پوليس تي يقين ناهي ھو اسان کي حراسان ڪري پئي پر ميڊيا جي ذريعي اعلان ٿي ڪيان ٿي ته پٽ جي قاتلن کي ڦاهي جي ڦندي تي پھچائڻ تائين پوئتي نه ھٽنديس، ڀلي اسان کي سپريم ڪورٽ تائين وڃڻو پئي پوءِ به ويندس ۽ انھن چيو ته ڪيس جي اڻ ڌري جاچ ڪري قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن سھولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.