ڪنگز ٽائون ( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اوپنرز ابراهيم زدران ۽ رحمان الله گرباز پاڪستان جي بابراعظم ۽ محمد رضوان جي ڀائيواري جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
افغان اوپننگ جوڙي ورلڊ ڪپ جي هڪ ايڊيشن دوران سڀ کان وڌيڪ پارٽنرشپ رنسون ٺاهيندڙ جوڙي بڻجي وئي آهي، ٻنهي رانديگرن بنگلاديش خلاف سپر ايٽ مرحلي جي آخري ميچ دوران اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
ان کان اڳ بابر اعظم ۽ محمد رضوان 2021 واري عالمي ڪپ ۾ پارٽنر طور 441 رنسون ٺاهيون هيون، ابراهيم زدران ۽ رحمان الله گرباز ميگا ايونٽ ۾ 442 رنز جي ڀائيواري قائم ڪري اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
افغان جوڙي وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي هڪ ايڊيشن دوران چار دفعا ففٽي پلس ۽ ٽي ڀيرا سينچري يا ان کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي چڪي آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
T20Worldcup2024 RahmanullahGurbaz IbrahimZadran BabarAzam MRizwan