اچو ته مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون

تحرير: صنوبر خاصخيلي

مُسلسل ھلندو رھڻ زندگي آھي ۽ بيھي رھڻ موت، سو انسان جي بناوٽ ئي ڪجھه  اھڙي آھي جو نه ھُو گھڻي گرمي برداشت ڪري سگھي ٿو نه ئي گھڻي ٿڌ، مطلب ڪائنات ۾ موجود ٻين شين وانگر انسان جي به ھِڪ حد مقرر ٿيل آھي، ۽ اُھا حد اورانگھڻ ھاڃيڪار ھوندي آھي.

ان حد ۾ رھندي ڪڏھن ڪٿي خاموشي ڪرڻي پئجي ويندي آھي ته ڪٿي لُڙ ڪرڻ به فرض بڻجي پوي ٿو، ڪجھه  مھينن کان تمام گھڻين ذاتي مصروفيتن ڪري لِکڻ ۽ پڙھڻ کان پاسيري رھيس وري جيئن ئي اسڪول جي موڪلن کانپوءِ  وئڪيشن ٿي آھي ته لاڙڪاڻو پاڪستان جو 52 پلس کان مٿي گرمي پد ٿي وڃڻ ڪري گرم ترين شھر ٿي ويو آھي، ۽ ان گرميءَ  ۾ ماڻھو جتي پنھنجي جان کان تنگ ھجي اتي ٻيا ڪم ڪرڻ ڪٿي ٿا پڄن،

ملڪ جا حالات ته ڳنڀير آھن ئي آھن پر گرميءَ  ۽ بيروزگاريءَ  ڪري ماڻھو ماڻھوءَ کان ڄڻ ته آدم بيزار لڳو پيو آھي، ۽ ڪٿي به سُڪون جي ڪا جھلڪ نظر ڪونه پئي اچي، جيڪا به ڳڻتيءَ  جوڳي صورتحال ٿيندي پئي وڃي، الاھي مصروفيتن ۽ مسئلن باوجود پوري سنڌ جو درد سمائي رکندڙ بي چين روح ڪٿي ٿو ويھڻ ڏي، ۽ اھو ساڳيو حساس روح جنھن لاءِ  ڪِولي کي مارڻ گناھ عظيم ھجي اُھو اُڀ ڏاريندڙ اُٺ جون رڙيون ڪيئن ٿو ٻُڌي سگھي، ۽ تنھن روحَ جھڙو حساس ۽ باغي روح رکندڙ نصرالله گڏاڻي جي شھادت تي ڪيئن ٿو خاموش ويھي سگھي، پر پنھنجون رڙيون شايد ڏاڍ جي ڏونگرن کي پار نٿيون ڪري سگھن،! پر سَڪُوت ۾ پيل پاڻيءَ  ۾ ننڍڙو ڀِتر به لھرون پيدا ڪرڻ جي اھل ضرور ھوندو آھي،

نصرالله گڏاڻيءَ  جو ذڪر ڪرڻ تي شھيد ناظم جوکيو جو لُڙھي ويل خُون به نظرن اڳيان گُھمندو رھيو ۽ پوءِ  نصرالله گڏاڻي۽ ناظم جوکيو جھڙن عظيم ڪردارن جي ھڪ ڊگھي لسٽ اکين اڳيان اچي وئي ۽ قوم جي خاموشيءَ  ۽ بي حسيءَ  تي افسوس جھڙا لفظ به ڪڍيا پئي ھونئن به افسوس ۽ لفظي مذمت ڪرڻ وارن جي گھڻائي ئي مزاحمت جو رستو جھليون بيٺي آھي، پر رڳو ايئن به ناھي پر پاڻ کي ليڊر سمجھندڙ ڪجھه  ماڻھن جي بقول ته ليڊرشپ جي کوٽ آھي، ڇا شھيد نصرالله گڏاڻي ليڊر نه ھُيو،؟ ڇا ناظم جوکيو ليڊر نه ھُيو،؟ ڇا امان جيندو ليڊر نه ھُئي؟ ان سميت لاتعداد اھڙا ڪيترائي ڪردار اڄ به موجود آھن جيڪي بھتر کان بھتر ليڊرشپ جي اھل آھن پر اسانجي انھن تي تيسين اک نه ٻُڏندي جيسين اُھي شھيد جو لقب نٿا ماڻين!

اچرج جھڙي ته اھا به ڳالھه آھي جو اسانجي معاشري وٽ عدم برداشت ۽ پير ڪڍڻ بھترين مشغلو بڻيل آھي، اسين ڪمفرٽ زون جا عادي ماڻھو ٻين جي ڪُلھن تي بندوق رکي ھلائڻ جا عادي بڻجي ويا آھيون ۽ اِھا مير جعفر جھڙي رَوش ئي ضرور سڀاڻي جو سڀ کان وڏو اُلميو بڻجندي، اُلميا ته کوڙ موجود به آھن جنھن مان ھڪ وڏو اُلميو سياسي ماٺار به آھي،

اُھا کڻي ڪنھن جي به پاليسي ھُجي پر ان کي ڪامياب بڻائڻ ۾ يقينن سڀ کان وڌيڪ اسانجو ڪردار آھي جنھنڪري ئي اسانجي سڄي سياست ۽ سياسي شعور عمل کان وانجھيل ۽ بس رڳو سوشل ميڊيا تي ڀاڙڻ لڳو آھي، جيڪو به سُٺو سنئوڻ آھي پر پنھنجي حقيقي زندگيءَ  ۾ لاتعداد اُلجھنن جو شڪار عوام سوشل ميڊيا تي به ڪافي اُلجھنن جو شڪار نظر اچي ٿو، ۽ سندن وٽ ڪا ايجنڊا ناھي ته ڪھڙو اشو وڌيڪ اھميت حامل آھي يا نه، اھو ڄاڻڻ بغير انڌي جيان لٺ کڻي اونداھ ۾ داڦوڙا ھڻندا رھن ٿا جن مان اسانجي اديب طبقي جي ته وري ڳالهھ ئي الڳ ۽ نرالي آھي، جن وٽ رومانس ۽ غير حقيقي خيالي پُلائن کانسواءِ  ڪجھه  ڪونھي، ۽ ڪجھه  جھجھا فالور رکندڙ ۽ پاڻ کي سياسي سماجي سڏائيندڙ ماڻھو دعوتون ڏيڻ ۽ وٺڻ سميت رُوبي علي ۽ حريم شاھ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا آھن، پر سندن ذاتي زندگيءَ  بابت ڳالھائجي ته مِمڻ مچائي ڇڏيندا،

آئون سمجھان ٿي ته چوڦير يلغارون آھن ۽ اسين سڀ پاڻ پسند ماڻھو اڻسڌي طور مير جعفر ئي لڳا پيا آھيون اسان جي سوچ سمجهھ، تعليم صحت ۽ شعور بينظير انڪم سپورٽ جھڙن کوڙ پروگرامن ذريعي ھڪ پلاننگ سان کسيو پيو وڃي، ھٿ سان اسانجي زراعت ۽ آبپاشي نظام تباھي طرف ڌِڪيو پيو وڃي،پر اسان کي ڪا پرواھ ڪانه آھي . اسان کي پرواھ ناھي ته پوليس ڇا پئي ڪري، جي گھڻي گھڻي ٿي ته ذاتي خرچ تي چوڪيدار يا باڊي گارڊ رکي وٺبا پر ڪارين رڍن کان ڳچيءَ  ۾ پوڻ جي خوف سبب پڇاڻو ناھي ڪرڻو، بجلي ناھي ته اسان وٽ پلان بي يعني سولر سسٽم ۽ بيٽريون جو آھن، گيس کي ڇا ڪبو ڪاٺيون ڇيڻا ۽ سلينڊر باقي ڇا لاءِ  آھي، ڪورٽون انصاف نه ٿيون ڏين فيصلي ۾دير ٿيون ڪن ته ڇا ٿي پيو اسان وٽ پنھنجو ٺاھيل راڄوڻي نظام جو آھي.

ھوبھو ساڳي ئي اسانجي سماج جي سوچ سالن کان جُڙي وئي آھي ۽ ان جھنگ جي قانون ۾ وحشي بگھڙن جي اقليت جي ڦھلايل خوف جي پاڇي ۾ اسين رڍن جيان چَري رھيا آھيون، ۽ اسانجي زندگي ۽ موت انھن بگھڙن جي بُک ۽ ڍَوءَ تي منحصر آھي، سو ھو جنھن مھل چاھين پنھنجي مرضيءَ  سان ڪنھن سخت ذھني مريض قُران پاڪ جي بي حُرمتي ڪندڙ درندي گستاخ قُرآن پاڪ کي پنھنجي عدالت لڳائي چِچري چِچري مارين يا ساڙين سندن ڪير پڇڻ وارو ڪونھي.

فيصلو اوھان جي ھٿ ۾ آھي، ايئن ئي جيئن ملڪ جو مستقبل اسان ۽ اوھان جي ھٿ ۾ آھي ته پاڻ مٿان اھل ماڻھو مڙھي انھن جي حڪمرانيءَ  کي تسليم ڪيون يا تاحيات نااھل ترين ماڻھن جي نگراني ھيٺ ذلت آميز ۽ غلاميءَ  ڀري زندگي گذاريون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.