اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس به شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
وزير اعظم جو چوڻ هو ته پنهنجي ٻارن جي زندگين کي محفوظ رکڻ ۽ ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻو آهي، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي.
اجلاس ۾ بل گيٽس جو چوڻ هو ته پاڪستان سان گڏ پوليو ۽ صحت جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۾ ڊجيٽلائزيشن جو منصوبو اسان جي ترجيح آهي.
Pakistan ShahbazSharif Billgates
You might also like