غيرقانوني رهندڙن کي نيڪالي ڏيو، ڪراچي سنڌين جو آهي: مارئي راشدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي مارئي راشدي مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني رهندڙ غير سنڌين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ الڳ اٿارٽي قائم ڪئي وڃي.

پنهنجي تقرير دوران هن چيو ته سنڌ جا وسيلا قانوني طور رهندڙ سنڌين لاءِ آهن، سپريم ڪورٽ افغانين سوڌو غير قانوني رهندڙ پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، غيرقانوني رهندڙن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وفاق کي هدايتون ڏئي چڪي آهي. وفاق جو اهڙن مسئلن تي رويو انتهائي غير سنجيدا آهي.

هن چيو ته 2015ع ۾ رينجرز نائن زيرو مان نيٽو جا هٿيار هٿ ڪيا هئا، هي چون ٿا سنڌ جي ٻهراڙين مان ماڻهو ڪراچي اچن پيا، اسان ڪيڏانهن وڃون، مان چوان ٿي ته سنڌ جي ٻهراڙين مان ماڻهو ڪراچي اچن، سنڌ انهن جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.