سکر بئراج معاملو: گيٽن جي مرمت ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سکر بيراج جي متاثر ٿيل ٻن دروازن جي بحالي وارو ڪم جاري آهي.

گيٽ نمبر 44 کي پاڻي مان ڪڍي مٿي آندو ويو، چائنيز ڪمپني گيٽ 44 جي مرمت ڪري رهي آهي.

بيراج انتظاميا جو چوڻ آهي ته دروازي کي سڌو ڪيو ويندو ۽ ويلڊنگ ڪئي ويندي، مرمت کانپوءِ لڳائڻ ۾ 24 کان 48 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، گيٽ نمبر 47 جي جاءِ تي ڪسان گيٽ هڻڻ لاءِ ڪافر ڊيم ٺاهيو ويو، ڪسان گيٽ کي اپ اسٽريم ۾ آڻي پاڻي مڪمل روڪيو ويو، هفتي ۾ درياهه جي پانڊ ليول ٺاهڻ شروع ڪئي ويندي.

بيراج انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪوشش آهي ته جلد ڪسان گيٽ هڻي واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مٿان کان پاڻي وهڪري کي گهٽايو ويو آهي.

ياد رھي ته 1985ع ۾ انگلينڊ جي ڊيسڪون ڪمپني سکر بئراج جا 56 گيٽ مٽايا ھئا انھن گيٽن ۾ 47 نمبر گيٽ به شامل ھيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.