آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي بحث ۾ آمهون سامهون ٿيندا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن ۽ ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ پهريون صدارتي بحث 27 جون تي ٿيندو.
آمريڪي چونڊن لاءِ سي اين اين تي ٿيندڙ صدارتي بحث (ڊبيٽ) 90 منٽن تي مشتمل هوندو، جنهن ۾ آمريڪا جي هاڻوڪي صدر جوبائيڊن ۽ اڳوڻو صدر ٽرمپ آمهون سامهون هوندا.
جوبائيڊن ۽ ٽرمپ ان کان اڳ 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ به 2 ڀيرا بحث ۾ هڪ ٻئي جي سامهون اچي چڪا هئا.
خيال رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ هلندڙ سال جي نومبر ۾ ٿيندا ۽ چيو پيو وڃي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن لاءِ ٽرمپ جو مقابلو ڪرڻ هڪ چيلينج هوندو.
America Jobiden DonaldTrump

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.