شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس: 164 وارو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو

ميرپورماٿيلو (رپورٽر) ميرپورماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

شهيد صحافي جي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ۽ سيڪنڊ مئجسٽريٽ ۾ ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي.

گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

سيڪنڊ سول جج موڪل تي هجڻ ڪري فريادي ۽ شاهدن جو 164 وارن بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو.

ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.